خدشن جو اظهار، آءِ ايم ايف ايمنسٽي اسڪيم جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت پاڪستان طرفان اثاثا ظاهر ڪرڻ واري اسڪيم تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت اثاثا ظاهر ڪرڻ واري اسڪيم ڏني آهي جنهن جي ڊيڊ لائن 30 جون تائين آهي پر وزير اعظم عمران خان گذريل ڏينهن سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اسڪيم جي تاريخ ۾ واڌ جو اشارو ڏنو هو. ٻئي پاسي عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف) حڪومت جي ايمنسٽي اسڪيم جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ان کي ٽيڪس گذارن سان ناانصافي قرار ڏنو آهي. ميڊيا سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ آءِ ايم ايف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ترجمان ٽريسا ڊبن جو چوڻ هو ته ٽيڪس ايمنسٽي معيشت جي لاءِ بهتر ناهي هوندي ۽ آءِ ايم ايف ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جي حق ۾ ناهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ايمنسٽي نقصان ڪار آهي، ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم وقتي فائدي جي لاءِ موثر پر ديانتدار ٽيڪس گذارن سان سراسر ناانصافي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *