خبر پئجي وئي ته اليڪشن ڪئين فڪس ڪئي وئي هئي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خبر پئجي وئي آهي ته اليڪشن ڪيئن فڪس ڪئي وئي هئي سڀ ثبوت اچي ويا، اصل گيم رٽرننگ آفيسرن کيڏي هاڻ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ به ڌانڌلي جي تياري ڪئي وئي، ن ليگ جي ميمبر کي نگران وڏو وزير لڳايو ويو مقرري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، هاڻ ته اليڪشن ٽربيونل ۾ فيصلا ٿيندا، تڪ اين اي 122 تي فارنزڪ ليبارٽري جي رپورٽ اچي وئي آهي ۽ هاڻ اهو دعويٰ سان چئي سگهون ٿا ته اياز صادق قومي اسميبلي جو ميمبر نٿو رهي سگهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته جن اسيمبلين مان استعيفائون ڏئي ڇڏيون اتي واپس نه وينداسين هن چيو ته 126 ڏينهن جو ڌرڻو صرف ان ئي ڌانڌلي سبب هنيو ويو هو، جيڪڏهن ڌرڻو نه هڻون ها ته ايندڙ 5 سالن تائين رزلٽ نه اچي ها، اهڙي اليڪشن ڪرائڻ کان بهتر آهي هت اليڪشن ئي نه ڪرائي وڃي، مسلم ليگ ن کي ڌانڌلي ڪرڻي هئي ته ٿوڙو عقل استعمال ڪري ها عمران خان الزام لڳايو ته گلگت بلتستان جي چونڊڻ ۾ ڌانڌلي جي تيار ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *