خبر آهي ته الطاف حسين، محمد انور ۽ ان جي ساٿارين کي ايم آءِ سڪس، سي آءِ اي جي مدد حاصل آهي: خالد شميم

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جي جڊيسل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي ويئي آهي گذريل ڏينهن جوبدار خالد شميم ۽ محسن علي کي جڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي حڪومت پاران چارسده سانحي جي سوڳ جي اعلان سبب ڪيس جي وڌيڪ ٻڌني نه ٿي سگهي ۽ جوابدارن کي 14 ڏينهن جڊيسل ريمانڊ تي هڪ دفعو بيهر اڍيالا جيل منتقل ڪيو ويو ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 4 فيبروري تي ٿيندي. خانگي ٽي وي مطابق عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدار خالد شميم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خبر آهي ته الطاف حسين، محمد انور ۽ ان جي ساٿارين کي ايم آءِ سڪس، سي آءِ اي جي مدد حاصل آهي مان هي ڪيس عالمي عدالت انصاف ۾ کني وڃڻ چاهيان ٿو ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان هن ڪيس ۾ واعده معاف شاهد بڻجندا جنهن تي خالد شميم جواب ڏنو ته جي بلڪل هن چيو ته مون کي عوام جي مدد گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *