خالد محمود سومرو ۽ قومپرست ڪارڪنن جي قتل خلاف سنڌ ٽئين ڏينهن به بند ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

ڪراچي/سکر/حيدرآباد/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) نوري آباد مان ٻن ڄڻن جي مليل لاشن مان هڪ نوجوان جي سڃاڻپ ملير مان کنڀي گم ڪيل جسمم ڪارڪن واجد لانگاهه طور ٿي، واجد لانگاهه کي 13 آگسٽ تي ملير جي پپري واري علائقي مان کنڀي گم ڪيو ويو هو. خبر موجب گذريل رات نوري آباد مان ٻن نوجوانن جي مليل لاشن مان هڪ لاش جي سڃاڻپ ملير جي علائقي پپري مان کنڀي گم ڪيل واجد لانگاهه طور ٿي آهي، واجد لانگاهه کي 13 آگسٽ تي پوليس پپري مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، سندس وارثن بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪرائي هئي. شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ۽ قومپرست ڪارڪنن جي قتل خلاف جسقم، سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي،جڏهن ته ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا. ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين ملير، گلشن حديد، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد،اسٽيل ٽائون،گھگھر ڦاٽڪ، رزاق آباد، شاھه ٽائون، چڪرا ڳوٺ، ابراھيم حيدري،مارئي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو. قومپرست جماعتن ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا. حيدرآباد جي قاسم آباد، وحدت نگر، لطيف آباد، قدم گاهه موليٰ علي، واڌو واهه ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، جڏهن ته روڊن رستن تي ٽريفڪ به گهٽ نظر آئي. هڙتال بعد سنڌ بچايو ڪميٽي ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ روشن ڀٽي جي اڳواڻي ۾ حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٽنڊي محمد خان ۾ هڙتال بعد قومپرست ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪوٽڙيءَ ۾ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال رهي،جڏهن ته وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو. سکر ۾ شاهي بازار، گرم گودي، ڇوهارا مارڪيٽ، گهنٽا گهر چوڪ ۽ ٻيا علائقا بند رهيا، جنهن بعد قومپرست ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ شاهي بازار، صديقي مارڪيٽ، ريشم گلي،بندر روڊ، سنڌو چوڪ ۽ ٻيا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جنهن بعد قومپرست ڪارڪنن ممتاز شيخ ۽ جميل گاد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ميرپور خاص جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، روڊن رستن تان ٽرانسپورٽ به غائب رهي، جڏهن ته جسقم، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين جماعتن جي ڪارڪنن احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو. نوشهري فيروز ۾ هڙتال سبب سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جنهن بعد قومپرست ڪارڪنن خالد تنئي، عزيز ڦل، گل مورئي،وزير وڳڻ ۽ خادم سيال جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ واپارين ڪاروبار مڪمل طور بند رکيو،جڏهن ته سوين قومپرست ڪارڪنن روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو. خيرپور ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت واري واقعي خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڏنل هڙتال جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ھڙتال سبب شھر جون مک بازارون شاهي بازار ، رنگ بازار ،صرافا بازار ، حيدري بازار ، سبزي مارڪيٽ ۽ ٻيو ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا، جڏهن ته جسقم ڪارڪن احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو. قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾ به واپاري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ڪنڌڪوٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن بعد ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. گهوٽڪي ۾ هڙتال سبب شهر مڪمل طور بند رهيو، جنهن بعد قومپرست ڪارڪنن نصرالله ڪلادي،محبوب گهوٽي ۽ اڪرم ٿهيم جي اڳواڻي ۾ پيپلز چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ميرپورماٿيلي ۾ دبئي مارڪيٽ،بينظير شاپنگ سينٽر ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز به نه کلي سگهيا، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن ڪامريڊ حميد سومري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. دولتپور ۾ شٽربند هڙتال بعد جسقم ڪارڪنن عظيم انڙ ۽ اياز انڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته قاضي احمد، نواب ولي محمد، دوڙ،ٻانڌي،سڪرنڊ، منھڙو، سٺ ميل ۽ ٻيا ننڍا وڏا شھر به مڪمل طور بند رھيا. باقراڻي،خير محمد آريجا، رشيد وڳڻ، ڳيريلي،محراب سنديلو، پراڻو آباد، قلندر آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪنڊياري،ٺارو شاھه پڊعيدن، محرابپور، مٺياڻي، موري،درياخان مري، ڦل، ڀرياسٽي، درٻيلي ۽ محمد ديري جتوئي ۾ به هڙتال بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سن،لاکا، مانجهند، آمري، خاڻوٺ، آمري، لڪي شاهه صدر، نور پور، منظور آباد ۽ علي آباد ۾ به ڪاروبار نه کلي سگهيو، جڏهن ته قومپرست جماعتون سراپا احتجاج رهيون. جوھي ۾ هڙتال بعد جسقم، ايس يو پي ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن غلام نبي باهوٽي، يونس سولنگي،حڪيم ٻٻر، غلام قادر لغاري ۽ شوڪت باهوٽي جي اڳواڻي ۾مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ڪڪڙ،ٿرڙي محبت گمبٽ، ٺري ميرواھه ۽ راضي ديري ۾ به ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو، جڏهن ته وڳڻ ۾ هڙتال بعد جسقم ڪارڪنن مختيار پنهور جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. خيرپور ناٿن شاهه، ٽنڊي آدم، ساماري، ڪنري، مٺياڻي، ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروبار نه کلي سگهيو،هڙتال بعد قومپرست‎ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا. ميرپوربٺوري، جهوڪ شريف، سيوڻ، ڀٽ شاھه، تلهار، شهدادپور، عرضي ڀٽو، راڻيپور، ھنڱورجا، ڦريدآباد، ڏهرڪي، سجاول، نيو سعيد آباد ۽ ڄام صاحب ۾ به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. ڳڙهي خيري،هالا، خيرپور ناٿن شاهه، ‎تنگواڻي، واهي پانڌي ۽ سڪرنڊ سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽربند رهيا، جڏهن ته قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا. مختلف شهرن ۾ احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي قومپرست اڳواڻن چيو ته سنڌ دوست مذهبي اڳواڻ خالد محمود سومري ۽ قومپرست اڳواڻن جي شهادت جا واقعا امن پسند ڌرتيءَ جو ماحول خراب ڪرڻ جي سازش آهي. قومپرست اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري، آصف پنهور، وحيد لاشاري ۽ سرويچ پيرزادي جي قتل ۾ ملوث ذميوارن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *