حڪومت ۽ قومي ادارن تي ڪوڙ فريب ۽ بدنيتي تي ٻڌل تنقيد ۽ بي معنيٰ الزامن جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي: صدر

فيصل آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ قومي ادارن تيڪوڙ فريب ۽ بدنيتي تي ٻڌل تنقيد ۽ بي معنيٰ الزامن جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ کي ترقي جي دڳ تي آڻي سگهجي صدر اها ڳالهه فيصل آباد ۾ پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ايڪسپورٽ ايڪسيلينس ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي تقريب ۾ پنجاب جي گورنر محمد رفيق رجوانا پڻ موجود هو صدر ان موقعي تي ايوارڊ پڻ ورهايا جن ۾ فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر چوڌري محمد نواز ايف پي سي سي آءِ جو صدر ميان محمد ادريس ۽ فيصل آباد جا ٻيا صنعتڪار شامل هئا صدر چيو ته ملڪ ۾ توانائي جا مسئلا حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايل اين جي گهرائڻ جو فيصلو الله جي نعمت جي حيثيت رکي ٿو ان ڏس ۾ ڪئي ويندڙ تنقيد بي معنيٰ ۽ الزام مڪمل طور تي غلط آهن اهڙي طرح ننديپور رٿا ۾ به هڪ پئسي جي بدديانتي ناهي ٿي هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ ڪجهه نٿا ڪن اهي ٻين کي به ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا هي سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ان جي ذات تي به الزام مڙهيا آهن صدر چيو ته موجوده حڪومت جون پاليسيون درست آهن ۽ اهي قومي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي ۽ اخلاص سان ڪم ڪري رهي آهي پوري قوم ۽ خاص طور تي تاجرن کي ان ڏس ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. تقريب کي پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين اصغر خان ۽ گروپ ليڊر احمد ڪمال پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *