حڪومت ۽ عوام پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ حالتون سازگار بڻائي: صدر ممنون حسين

لاهور (م.ڊ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي رٿا سان صرف پاڪستاني نه پر سڄي خطي ۾ اقتصادي ترقي شروع ٿي ويندي حڪومت ۽ عوام اقتصادي راهداري رٿا جي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ حالتون سازگار بڻائي حڪومت ورلڊ بئنڪ ۽ چين جي سهڪار سان بجلي پيدا ڪرڻ جي 15 منصوبن تي ڪم شروع  ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان ايندڙ ٽن سالن ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم يا صرف نالي ماتر وڃي رهندي آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان ٿي رهيو آهي ۽ پاڪ فوج دهشتگردن جو ان وقت تائين پيڇو ڪندي رهندي جيستائين اهي مڪمل ختم نه ٿيندا ڪرپشن سبب اسان سخت مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون ۽ انهيءَ ڪري خزانو خالي ۽ ملڪ قرضي ٿي ويو ڪرپٽ ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي اصلاح نه ڪن ته قوم انهن جو سماجي بائيڪاٽ ڪري اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن فورٽريس اسٽيڊيم ۾ نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو 2015 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي وقتي گورنر پنجاب رانا محمد اقبال ڊي جي رينجرز پنجاب خان طاهر جاويد خان صوبائي وزير ۽ ٻيون شخصيتون به موجود هيون صدر چيو ته لاهور ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ميلي جو افتتاح ڪري جيڪي جذبا محسوس ڪري رهيو آهيان اهي بيان ڪرڻ سولو نه آهي هي ميلو جتي بهار جي مند اچڻ جي آجيان آهي اتي پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي خبر به آهي هن چيو ته هن قوم غير معمولي محنت ڪئي آهي نئون سج ماضي جي تنهائين مان نڪري قومن سان هلڻ جو پرامن پاڪستان جو سج آهي هي دهستگردي ۽ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ ۽ پرامن ۽ پرعزم پاڪستان جو سج آهي هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان ٿي رهيو آهي ۽ پاڪ فوج دهشتگردن جو ان وقت تائين پيڇو ڪندي رهندي جيستائين اهي مڪمل ختم نه ٿي ويندا هن چيو ته حڪومت ورلڊ بئنڪ ۽ چين جي سهڪار سان بجلي جي 15 رٿائن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ٽن سالن ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي يا نه هئڻ جي برابر وڃي بچندي جنهن سان اسان جي صنعت ترقي ڪندي ۽ مان سٺي خبر ڏيئي رهيو آهيان ته ايندڙ سالن ۾ فورٽريس اسٽيڊيم ۾ ميلي جي صنعتي نمائش جي شان ئي ڪجهه ٻيو هوندو مان اهو ٻڌائڻ ۾ به خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته ملڪ ۾ نون ڊيمن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ۽ پاڻي جا ذخيرا وڌڻ سان اسان جي زراعت ترقي ڪندي هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي بهترين بيهڪ سان نوازيو آهي پر هن ڪرم نوازي کي نظرانداز ڪري ناشڪري ڪئي ويئي آهي هاڻي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي سان پاڪستان ئي نه پر سڄي خطي ۾ اقتصادي ترقي شروع ٿي ويندي هي اهڙو منصوبو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ اقتصادي بحالي جو مڪمل دارومدار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *