حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي، ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد(بيورو) حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ تڪراري معاملن تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ۽ اڱاري ڏينهن ٻيهر ڳالهين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي رهائشگاهه تي ڳالهين ۾ ڌريون هڪ دفعو ٻيهر لفظ ڌانڌلي جي تعريف تي متفق نه ٿي سگهيون. تحريڪ انصاف جي ڪميٽي موقف اختيار ڪيو ته حڪومت طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ عدالتي ڪميشن جي حوالي سان جيڪو مسودو پيش ڪيو ويو اهو اطمينان جوڳو نه هو ۽ تڪرارينقطن کي خارج ڪيو ويو هو. هنن چيو ته ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته حڪومت طرفان پيش ڪيل نئين مسودي تي ٻئي ٽيمون پنهنجي پنهنجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺنديون ۽ ڳالهين جو ايندڙ دور اڱاري تي ٿيندو. ٻئي طرف بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته ڳالهين ۾ ٻنهي ٽيمن جن معاملن تي اڳڀرائپ ڪئي آهي ان کان پنهنجي قيادت کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ هدايتون ورتيون وينديون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته ڳالهين جي عمل کي ڊيگهه ڏيڻ سان تحريڪ انصاف پنهنجو رستو وڃائي ويهندي ته اهو غلط آهي. cسندس چوڻ هو ته هنن چئن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين ڌرڻو هنيو آهي، هنن معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي لچڪ ڏيکاري ۽ هو صفحن کان اڌ صفحي تي اچي ويا آهن. جهانگير ترين چيو ته هاڻي بال مسلم ليگ ن جي ڪورٽ ۾ آهي هو چاهين ته معاملا جلد حل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڊيگهه ٿي ته حل ڏکيو ٿي ويندو آهي. هن چيو ته هو حڪومت جي نيت تي شڪ ڪرڻ بدران کين معاملا حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ چاهين ٿا. حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ قيادت سان ٿيل ڳالهين ۾ هنن فاصلا گهٽ ڪيا آهن. هن چيو ته ٻئي ڌريون لاڳاپيل قيادت سان ملڻ کانپوءِ اڱاري تي ٻيهر ملاقات ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *