حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي ڪميٽي نمائندن عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ واري معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين معاهدي تي صحيحون ڪيون جڏهن ته ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڪميشن قائم ڪرڻ جي حوالي سان ٻنهي تنظيمن لچڪ جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻنهي طرفان ميمبر ڪم ڪندا رهيا جنهن تي انهن جا شڪر گذار آهيون اسان جي ڪوشش هئي ته ان معاهدي ۾ پپيلز پارٽي طرفان خورشيد شاهه ۽ رحمان ملڪ جون به صحيحون ورتيون وڃن ها جڏهن ته انهن جي ذاتي مصروفيتن سبب ايئن ممڪن نه ٿي سگهيو، اسحاق ڊار چيو ته جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ سياسي جرڳي به تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ۽ سمورن ماڻهن جي ڪوششن سبب ئي اڄ اهو نتيجو سامهون آيو جنهن تي انهن سڀني ماڻهن جا شڪرگذار آهيون ملڪ ۾ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ بابت افواهون موجود هيون جن کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي  ڇو ته هاڻ ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ آرڊيننس جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي ۽ اسان ڪوشش ڪنداسين ته جيتري جلدي ٿي سگهي ان تي عملدرآمد يقيني بڻائي وڃي ڇو ته سڀاڻي رات 12 بجه کان اڳ آرڊيننس جاري ٿي سگهي ٿو، ان موقعي تي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري تاريخ  ۾ اهم ڏينهن جي طور تي ياد رکيو ويندو اڄ سياسي قيادت ملڪ کي شفاف چونڊن جو ڍانچو ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي اسان کي مستقبل لاءِ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪرڻو آهي ۽ ان انداز ۾ چونڊن منعقد ڪرائڻيون آهن جنهن تي قوم کي اعتماد هجي هن چيو ته اسان جي ڊگهي جدوجهد جي نتيجي ۾ عام چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي جاچ ٿيندي ۽ ان جي بنياد تي اسان کي چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي منصوبابندي ڪرڻي آهي جنهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو ويندو،  شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ چونڊ سڌارا ٿيندا جنهن لاءِ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي انهن جون به سفارشون سامهون اينديون جنهن سان ان ۾ وڌيڪ نکار پيدا ٿيندو ان سان اسان جو چونڊ نظام مضبوط ٿيندو  ۽ ماڻهن جو ان تي اعتماد وڌندو، هن جو چوڻ هو ته سياسي پارٽين جنهن انداز ۾ ان عمل کي مڪمل ڪيو اهو هڪ تاريخي دستاويز آهي جنهن سان پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي، جوڊيشل ڪميشن لاءِ وزيراعظم خط لکيو جنهن تي ان جي جذبي جي قدر ڪريون ٿا جڏهن ته اچ جي معاهدي جو روح مختلف آهي جيڪو هڪ قانون تحت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *