حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ٽي او آر ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق، 12 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ٽي او آرز لاءِ پارليماني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، اڄ ٽي او آرز تي صلاح لاءِ اجلاس ۾ سڀني سياسي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ هئا، ٽي او آر ڪميٽي 12 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، خابرو ادارن موجب مخالف ڌُر ۽ حڪومت جو ٽي او آرز بابت اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته ڪميٽي ۾ حڪومت جا 6 ۽ مخالف ڌُر جا 6 ميمبر شامل هوندا، ڪميٽي لڳل الزامن جي جاچ ڪندي جيئن سچائي جي ڄاڻ ٿي سگهي،ٻه هفتن ۾ ڪميٽي تجويزن تيار ڪندي، چيئرمين جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو، 12 رڪني ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم شامل نه هوندي، سندس چوڻ هو ته اڄ ايوان ۾ ٺهراءُ جي ذريعي ڪميٽي جي منظوري ورتي ويندي. ٻئي طرف  مخالف ڌر پاناما ليڪس ڪميشن جا ٽرمز اينڊ ريفرنس جوڙڻ واري ڪميٽي لاءِ 6 نالا نامزد ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم کي پارلياماني ڪميٽي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب مخالف ڌر جن ماڻهن جا نالا اسپيڪر ڏانهن اماڻيا آهن، انهن ۾ اعتزاز حسن، شاهه محمود قريشي، الياس بلور شامل آهن. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي  مخالف ڌر پارلياماني ڪميٽي لاءِ ڇهه نالا اسپيڪر کي موڪليا آهن، هاڻي ڪميٽي تي اڳڀرائي ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اپوزيشن پاران جوڙيل ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم کي نمائندگي نه ڏني وئي، متحده جو هڪ به ميمبر شامل ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *