حڪومت ڳالهين جي حوالي سان اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو: شيرين مزاري

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سڀاڻي فيصل آباد ۾ هر صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پارٽي ترجمان شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته حڪومت ڳالهين جي حوالي سان اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو، جيڪا حڪومتي سنجيدگيءَ تي سواليه نشان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته تحريڪ انصاف هر صورت ۾ احتجاج ڪندي، سندن احتجاجي تحريڪ پــُرامن آهي. هن چيو ته دٻاءُ نه هجي ته حڪومت پنهنجي ڳالهه تان لنوائي ويندي آهي جن اشوز تي اتفاق ٿي چڪو هو ان کان اڳتي وڌڻ گهرجي. شيرين مزاري چيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ آزاد جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تسليم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *