حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ نڪتل هاڻ پنهنجي بقا جي جنگ پيا وڙهن: پرڏيهي وزير

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو شوق پورو ڪري، اسان پي ڊي ايم کي شڪست ڏينداسين. ملتان مان جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن اتحاد جلد ٽٽڻ وارو آهي، هي حڪومت کي گهر موڪلڻ نڪتا هئا، هاڻ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، حڪومت کي پي ڊي ايم مان ڪو خطرو ناهي. هن چيو ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو شوق پورو ڪري، اسان اپوزيشن اتحاد جي بي اعتمادي رٿ جو سياسي، جمهوري ۽ پارلياماني انداز ۾ مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سفارتي سطح تي اسان گذريل سالن ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۽ ٻين معاملن تي بهتري سان اڳتي وڌيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *