حڪومت کي شٽرڪيرائڻ جو شوق نه آهي، پر لاش کڻڻ جو به شوق نه آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان صوبي ۾ ڪوئي ڪرفي لڳائڻ يا مڪمل بند ڪرڻ نٿا چاهيون حڪومت کي شٽر ڪيرائڻ جو شوق نه آهي پر ميتون کڻڻ جو به شوق نه اهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي صحت جي حوالي سان فيصلا ڪري ٿي ۽ انتظاميه کان عمل ڪرائي ٿي ته ماڻهو بيزار ٿين ٿا ۽ جڏهن انتظاميه عمل ڪرائڻ ۾ نرمي ڪري ٿي تڏهن به ماڻهو ناراض ٿي وڃن ٿا هن چيو ته آخر ڇو سنڌ حڪومت عوام کي گذارش ڪري رهي آهي ته بي سبب گهرن کان نه نڪري هن چيو ته 17 مئي کان 23 مئي تائين ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جا هاڪاري ڪيس 12.6 سيڪڙو آهي، حيدرآباد ۾ 10.8 سيڪڙو هاڪاري ڪيس آهن، اسپتالن ۾ 14 مئي تي 729 ماڻهو علاج هيٺ هئا هاڻي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هي شرح 933 تي پهچي ويئي آهي. ۽ 204 مريضن ۾ واڌ ٿي آهي ڪرونا وائرس جي ٽين لهر ۾ 23 اپريل تي هڪ ڏينهن ۾ 885 ڪيس هئا هاڻي 18 مئي تي هي نمبر 2000 کان ٽپي ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف انفيڪشن ڊزيز ۾ هڪ به بستر موجود نه آهي رڳو ايڇ ڊي يو ۾ ٻه بيڊ خالي آهن، لياقت نيشنل اسپتال ۽ ايس آءِ يو ٽي ۾ هڪ به بيڊ خالي نه آهي هن چيو ته ڇا اسان وبا کي وڌڻ جي اجازت ڏيون، پهرين لهر ۾ جڏهن ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا هئا ته سخت فيصلا ورتا، انهيءَ ڪري وڏو نقصان نه ٿيو ۽ سٺي ڳالهه اها هئي ته عام ماڻهو مشڪل فيصلن ۾ سنڌ حڪومت جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته آچر جي ڏينهن پارڪن ۾ گهڻي رش هئي جنهن جي نتيجي ۾ اهو فيصلو ٿيو ته پارڪن کي مڪمل بند ڪيو وڃي جيڪڏهن هوٽلن جا شٽر هيٺ ڪري کاڌو ڪارايو ويندو ته سخت فيصلا ڪيا ويندا. ٻيو ته آفيسن ۾ به ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي سنڌ حڪومت جي ترجمان اپيل ڪئي ته عوام 14 ڏينهن جي قرباني ڏي جيڪي بيمار ٿيا آهن ان کان پڇا ڪئي وڃي ته انهن جي حالت ڇا آهي اسان کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ماسڪ پائڻو پوندو وڌيڪ اهو ته شهرين کي ويڪسين لڳرائڻي پوندي ٻي صورت ۾ ڀارت وانگر صورتحال خراب به ٿي سگهي ٿي هن چيو ته ماڻهو معمول مطابق گهمي ڦري رهيا آهن اسان کي ڏک ٿئي ٿو ته ماڻهو دڪانن جا شٽر هيٺ ڪري ڪاروبار ڪن ٿا انساني جان کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي پارڪ بند ٿئي ٿو ته شهري ڀت ٽپي هليا وڃن ٿا ريسٽورنٽ بند ڪيا ته ٽيڪ اوي جي اجازت گهري ويئي پر اڄ به ماڻهو شٽر بند ڪري کاڌو کارائي رهيا آهن ۽ دعوتون ٿي رهيون آهن حڪومت شادي هال بند ڪيا ته ماڻهن پنهنجا گهر پيش ڪري ڇڏيا اسان جو اختلاف صرف عوامي ميڙ سان آهي حڪومت جو ساٿ ڏيو ٻي صورت ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته سرڪاري اسپتالن سميت پرائيويٽ اسپتالن ۾ به ويڪسينيشن جي سهولت آهي جناح اسپتال، سول اسپتال ۾ مريضن لاءِ جڳهه موجود آهي 10 اڳ 729 بيڊ تي مريض هئا اڄ وڌيڪ 204 بيڊ تي مريض آهن اڄ ڊي سي ايسٽ، سينٽرل ۽ ڏکڻ کي گهرايو هو ۽ پوليس آفيسرن کي به گهرايو هو ڊپٽي ڪمشنر چون ٿا ته ميڊيا پاران خبر هلائي وڃي ٿي ته اسان ڪنٽرول مان نڪري ويا آهيون ايس او پيز تي عمل ڪريو شادي هال بند آهن ۽ گهر ۾ 400 ماڻهن جي دعوت ڪري رهيا آهيو ته اها غلط اهي ڪنهن به هوٽل ۾ ريسٽورنٽ نه هلندا ان جي مهمان کي کاڌو روم ۾ پهچايو ويندو ٽرانسپورت به 6 وڳي کان پوءِ نه هوندي سج لٿي کان پوءِ جيڪي ماڻهو غير ضروري طور تي نڪرندا انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي ۽ سنڌ ۾ سڀ تعليمي ادارا بند رهندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *