حڪومت کي جي ايس ٽي تي ڇوٽ واپس وٺڻ جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين چيو آهي ته حڪومت کي جي ايس ٽي تي ڇوٽ واپس وٺڻ جي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد چيو ته آءِ ايم ايف جو سدائين مطالبو رهيو آهي ته روينيو وڌايو ۽ سڌارا آڻيو، ماضي ۾ جڏهن به آءِ ايم ايف جو مطالبو آيو ته اسان نوان ٽيڪس لڳائي ڇڏيا پر پاليسي سطح تي تبديلين تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو، ڇو ته اهي غير مقبول فيصلا هئا، آءِ ايم ايف کي ٽيڪس روينيو جي انگن اکرن سان مطلب آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف وڌيڪ پاليسي سطح تي سڌارن تي زور ڏيندو آهي، آءِ ايم ايف جو مطالبو هو ته سڀني 17 شين تي جي ايس ٽي لڳايو، جيڪڏهن ڪنهن کي سهولت ڏيڻي آهي ته سبسڊي ذريعي ڏني وڃي، آءِ ايم ايف جو مطالبو ٽيڪس فرق کي ختم ڪرڻ جو هو، اسان جو فوڪس به ٽيڪس فرق ۽ تضاد ختم ڪرڻ تي آهي، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ٽيڪس کي پنهنجو روينيو گڏ ڪرڻ تائين رکو. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ ذريعي جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، اهي تاريخي آهن، پاڪستان ۾ ٽيڪسن جو جيتريون مراعتون آهن، ان حساب سان پاڪستان کي دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هجڻ گهرجي پر مراعتن باوجود پاڪستان دنيا جو وڏو صنعتي ملڪ ناهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اهي فيصلي ملڪي معيشت لاءِ ۽ ڊاڪومينٽيشن لاءِ ضروري هئا، حڪومت وٽ روينيو وڌيڪ ايندو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي وڌيڪ ڏئي سگهبي، آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪري وڃون ته هڪ ئي بجيٽ پيش ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *