حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺي ۽ بجلي جي اگهه به نه واڌيا وڃن, خرشيد شاهه

اسلام آباد  (اين اين آءِ)  قومي اسميبلي جي مخالف ڌر جي  اڳوڻ  سيد خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول جا اگھه نه وڌايا وڃن ۽ بجلي جا اگھه نه وڌايا  وڃن، ملڪ ۾ هرروز نوان نوان مسئلا سامهون اچن ٿا. جيڪڏهن انهن تي ڳالهه ڪئي وڃي ته ڪلاڪ ۽ ڏينهن لڳي ويندا، سمورا مسئلا پارليميٽ ۾ حل ڪيا وڃن، خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ وڏا مسئلا آهن،  ميڊيا کي ڏسي  پريشان ٿي وڃون ٿا ته ملڪ م  ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن، هن چيو  ته پرليميٽ ۾ سمورن مسئلن  جي حل جي جاءَ آهي مان هميشا چيو آهي ته پارليميٽ جوقدر ڪيو وڃي جيڪي فيصلا ٿين پارليميٽ جي اندر ٿين، جمهوري حڪومتن ۾ اهو ئي ٿيندو آهي ته مسئلا پارليميٽ ۾ ب حث هيٺ اڇن ۽ وسيلا به پيدا ٿي ويندا آهن، سال ۾ هڪ دفعو ناڻِي وارو وزيرا ايوان ۾ بجيٽ پيش ڪندو آهي اسان سمجھون  ٿا ته هر مسئلي جو حل پارليميٽ  ۾ آهي، ٻين ملڪن ۾ سال ۾ هڪ دفعو ٽيڪس لڳندو آهي، ان لاءِ چيو ته هو سال ۾  چار بجيٽ پيش ٿيڻ گھرجن، دنيا ۾ پيٽرول جو اگھه گھٽ ٿي رهيو آهي پر اسانجي ملڪ ۾ وڌايو ويو آهي  اهو غريب هاري جو مسئلو آهي پر حڪومت ان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽  هوءِ  غريب ماڻهون جي رت چوسي رهي آهي، هن  وقت دنيا ۾ 44 ڊالر في بيرل  اگھه آهي پر پاڪستان 73 روپيا في ليٽر کان وڌيڪ آهي جيڪڏهن ٽيڪس کي ڏٺو وڃي ته 62 رپيا ٿئي ٿو پر ان تي 31 سڪيڙو سيلز ٽيڪس لڳائي وئي ۽ اگھه وڌائي حڪومت خساري کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جا اگھه گھٽ ڪيا وڃن ۽ بجلي جا اگھه  نه وڌايا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *