حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ پوڻن ٽن روپين تائين  واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 70 پئسا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *