حڪومت پوليو جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعطم محمد نوازشريف سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر خوراڪ ۽ حفاظتي ٽڪن ذريعي ماءُ ۽ ٻارڙي جو تحفظ پهرين ترجيحي هئڻ گهرجي معمول جا حفاظتي ٽڪا ۽ ويڪسين نهايت اهم آهي عمل تيز ڪرڻ لاءِ خاص اپاءُ ورتا وڃن هو جمعي تي هتي گلوبل الائنس فار ويڪسين اينڊ ايمونائيزيشن جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر سمٿ برڪلي جي سربراهي ۾ وزيراعطم هائوس ۾ ملاقات ڪئي وفد ۾ ڊبليو ايڇ او جا نمائندا ۽ بل گيٽس فائونڊيشن جا نمائدا پڻ شامل هئا وزيراعظم گاوي پاران پاڪستان ۾ حفاظتي ٽڪن ۽ ويڪسين لاءِ مدد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي محفوط بنائڻ لاءِ گاوي پاران فراهم ڪيل تعاون سان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ لاءِ قدم کڻنداسين وزيراعظم چيو ته معمول جا  حفاظتي ٽڪا ۽ ويڪسين نهايت اهم آهي ۽ ان ڏس ۾ سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ويئي ته اهي هن عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻن ته جيئن ويڪسين ۽ حفاظتي ٽڪن ۾ رهجي ويل علائقا ترقياتي يافته علائقن جي برابر اچي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *