حڪومت پهريون ئي آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري چڪي، ملاقات جو ڊرامو ڇو؟ مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت پهريون ئي آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري چڪي  آهي پوءِ اڄ ملاقات جو ڊرامو ڇو آهي؟  مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو ته پهرين حڪومت آهي جنهن چور دروازي کان آءِ ايم ايف جي شرطن تي اڳواٽ عمل ڪيو. هن چيو ته  ناڻي واري وزير موجب حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان اڳ پهريون ئي شرط مڃي چڪي آهي، حڪومت آءِ ايم ايف کان پيڪيج وٺڻ کان اڳ مهانگائي جو بم ڪيرائي چڪي آهي، رپئي جي ملهه ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي پيڪيج کان اڳ حڪومت هر سبسڊي حج سميت ختم ڪئي، وزيراعظم جي آءِ ايم ايف سان پاڪستان ۾ ملاقات ڇو نه ٿي ٿي سگهي. مريم اورنگزيب چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته آءِ ايم ايف سان ڪهڙا وڌيڪ شرط طئي ڪيا پيا وڃن، قوم کي وڌيڪ مهانگائي جي ڪهڙي چڪي ۾ پيڙهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، قوم کي ٻڌايو وڃي ته هاڻي رپئي جي ملهه ۾ وڌيڪ ڪيتري گهٽتائي ٿيندي ڊالر ڪيتري اگهه تي ملندو.  هن چيو ته پارليامينٽ ۽ قوم سان سچ جا واعدا ڪندڙ سمورو ڪم ڳجهو ڪري رهيا آهن، قوم حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي جي هڪ وڌيڪ طوفان جي تياري ڪري.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *