حڪومت پاناما ڪيس ۾ دير ۽ گهرو ويڙهه چاهي ٿي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاناما ڪيس سڀ شيون واضع ٿي چڪيون آهن پر جيڪڏهن ان جي اڃان تسلي نه ٿي آهي ته عدالت کي درخواست ڪندس ته نوازشريف کي طلب ڪيو وڃي. سومر تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مان پنهنجي زندگي ايتري بي شرم حڪومت نه ڏٺي. جيڪو پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ملڪ کي داءَ تي لڳائي رهي آهي، هن چيو ته جيڪو جي آئي ٽي کي گاريون ڏئي رهيو آهي اهو سپريم ڪورٽ کي گاريون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته نون ليگ ملڪ کي نقصان پهچائڻ  جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهڙيون ڳالهيون به ٻڌي رهيا آهيون جو اڃان تائين جي آئي ٽي رپورٽ تي اعتراض جمع نه ڪرايا آهن، سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏيندي اهو ملڪ جي تاريخ کي مقرر ڪبو. هن وقت صورتحال اها آهي ته سموريون آپوزيشن پارٽيون وزيراعظم کان استعيفا گھري رهيون آهن. ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي بهترين مفاد ۾ به اهو ئي آهي ته وزيراعظم فوري طور تي استعيفا ڏئي. نون ليگ پاناما ڪيس ۾ دير وارا طريقا استعمال ڪري رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي احترام نه ٿا ڪن پر اسان سپريم ڪورٽ سان گڏ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *