حڪومت پاران ٽيڪس وصولي جا حدف حاصل نه ٿيڻ جو اعتراف

اسلام آباد (م.ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي وزارت هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جي مقرر ڪيل حدف کي تمام گهڻو حدف مقرر ٿيل قرار ڏيندي ٽيڪس وصولين جو حدف حاصل نه ٿي سگهڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ٽيڪس وصولين بابت بريفنگ لاءِ ايف بي آر کي طلب ڪري ورتو آهي، تفصيل موجب پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين رانا تنوير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي جي وفاقي سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصولن جو مقرر ٿيل حدف تمام گهڻو آهي، هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس وصوليون 48 سئو کان 49 سئو ارب تائين ٿي سگهن ٿيون، ڪميٽي جي چيئرمين رانا تنوير چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب مهانگائي جي شرح 14.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، خواجه آصف چيو ته قوم کي بيوقوف نه بڻايو وڃي، گذريل 70 سالن کان ٽيڪس وصولين بابت مالي سال جي آخري ٽرمائي ۾ اضافو صرف ٽيڪس ريفنڊ روڪڻ ۽ ايڊوانس ٽيڪس وصوليون ڪري ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ڪيو ويندو رهيو آهي، جنهن تي ناڻي سيڪريٽري چيو ته اگر ڪميٽي ٽيڪس وصولين جي حوالي سان وڌيڪ معلومات چاهي ٿي ته ايف بي آر کي گهرائي تفصيل معلوم ڪري سگهي ٿي، ڪميٽي کي انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته سال 2018ع ۾ ناڻي وزارت جي ناقص رٿابندي سبب 4 سئو 11 ارب جو فنڊ استعمال نه ٿي سگهيو، ان باوجود اربين روپين جي ضمني بجيٽ جاري ڪئي وئي، آڊٽ اختيارين ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪجهه ادارن آڊيٽر جنرل جي آفيس کان آڊٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،جن ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل سميت 15 کان 20 ادارا اڃا به اسان کان آڊٽ ڪرائڻ کان انڪاري آهن، جنهن ۾ ايس اي سي پي، نادرا، اسلام آباد گن ڪلب، پي ايم ڊي سي ۽ ٻيا ادارا شامل آهن اهي آڊٽ نجي چارٽر اڪائونٽن کان ڪرائيندا، نيشنل بينڪ به آڊيٽر جنرل کان آڊٽ نٿي ڪرائي، جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ايف بي آر عملدارن کي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس دوران ڪميٽي جي ميمبر سردار اياز صادق چيو ته وياج جي شرح وڌيڪ هجڻ ڪري ڪاروبار بند ٿي رهيا آهن، خواجه آصف چيو ته 25 کان 30 سيڪڙو وياج جي شرح تي صرف هيروئن جو ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو، ايتري وياج جي شرح تي ڪاروبار نٿو ڪري سگهجي، ڪميٽي وياج جي شرح ۾ اضافي تي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي طلب ڪري ورتو آهي، پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي کي ناڻي وزارت اهو به ٻڌايو ته گذريل مالي سالن دوران قرضن جي ادائگي تي 84.49 سيڪڙو بجيٽ خرچ ٿي، جڏهن ته 4.83 سيڪڙو قرضن تي وياج جي مد ۾ رقم خرچ ڪئي وئي، دفاعي خرچ 3.23 سيڪڙو، هيلٿ 0.04 سيڪڙو، تعليم 0.40 سيڪڙو، سوشل پروٽيڪشن لاءِ 0.01 سيڪڙو بجيٽ خرچ ٿي، گذريل مالي سال دوران ڪُل چار هزار ارب تائين جا ٽيڪس وصوليون ٿيون جن مان 2 هزار 1 سئو 57 ارب صوبن کي جاري ڪيا، ناڻي وزارت جي ناقص مئنيجمينٽ سبب 4 سئو 11 ارب جا فنڊ استعمال ئي نه ٿي سگهيا، صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 12 ارب جي بجيٽ منظور ٿي پر هڪ روپيو به جاري نه ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *