حڪومت پاران مالياتي ايوارڊ جو مدو وڌائڻ افسوسناڪ آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت پاران مالياتي ايوارڊ جو مدو وڌائڻ افسوسناڪ آهي، جيڪڏهن اين ايف اي ايوارڊ وقت سان جاري نه ٿيو ته حڪومت مٿان وڏو داغ هوندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت 20 سالن بعد اين ايف سي ايوارڊ ڏنو، موجوده حڪومت پ پ سرڪار جي پاليسي کي اڳتي وڌائي ها. هن چيو ته صوبن ۾ هڪ تڪرار کي حل ڪيو ويو، حڪومت صوبن جي مطالبي تي ٻيهر غور ڪري وقت تي اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪري. خورشيد شاهه چيو ته ناڻي وارو سيڪريٽري چئي رهيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جاري نه ڪيو ويندو، کيس اهڙو اختيار ڪنهن ڏنو آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته جيڪڏهن حڪومت وقت سر اين ايف سي ايوارڊ جاري نه ڪيو ته ان مٿان وڏو داغ هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *