حڪومت پاران ايگزيٽ ڪنٽرول جي بليڪ لسٽ ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ ڪنٽرول لسٽ کي انتقامي ڪاررواين لاءِ استعمال ڪيو ويو. هاڻي اعليٰ عدالت جي هدايت تي ئي ڪو نالو شامل ڪيو ويندو.گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ايگزيٽ ڪنٽرول جي بليڪ لسٽ ختم ڪرڻ جو اعلان اي سي ايل ۾هير ڦير بابت بريفنگ جي دوران ڪيو. چوڌري نثار علي خان جو چوڻ هو ته ماضي ۾ ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ کي انتقامي ڪارروين لاءِ استعمال ڪيو ويو پر هاڻي ائين نه ٿيندو. ڊائيريڪٽوريٽ آف پاسپورٽس اختيار واپس ورتا ويا آهن. اي سي ايل ۾ ڪو به نالو سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽس جي هدايت تي ئي شامل ڪيو ويندو.گهرو وزير ٻڌايو ته اي سي ايل ۾ وڌل نالن کي رويو جو حق حاصل هوندو. ٽن سالن ۾ ڪيس کي آخري پڄاڻي تائين پهچايو ويندو، پر ٻٽي پاسپورٽ جو غلط استعمال ڪندڙن کي سزا پوري ڪرڻي پوندي.چوڌري نثار علي خان اهو به ٻڌايو ته سوا سال اڳ اغوا ڪيل چيني سائيڪلسٽ کي آزاد ڪرايو ويو آهي، جنهن کي جلد چيني سفارتخاني جي حوالي ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *