حڪومت يمن جنگ واري معاملي تي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه يمن جي صورتحال تي قرارداد جي گڏيل منظوري تي چيو آهي ته پنجن ڏينهن جي محنت کانپوءِ ان جو نتيجو سامهون آيو آهي، حڪومت يمن جنگ جي معاملي تي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري، پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ماضي ۾ به سعودي عرب سنا گڏ بيٺل هئاسين هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سعودي عرب تي ٻيهر ڪابه مشڪلات آئي ته پاڪستان ضرور ساٿ ڏيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان به چيو هو ته هي آر اوز جي اليڪشن آهي چونڊ سڌارن تي ڪم ڪيو ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ ڌانڌلي نه ٿئي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت کي پنج سال مڪمل ڪرڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *