حڪومت وڌيڪ مهانگائيءَ بابت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) ناڻي واري وزارت ملڪي معيشت تي مهينيوار اپ ڊيٽ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ناڻي روانگي، نان ٽيڪس آمدني ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ايڪسپورٽ، امپورٽ ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽن مهينن ۾ ناڻي روانگي 12.5 سيڪڙو اضافي سان 8 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي رپورٽ موجب ملڪي ايڪسپورٽ 35.2 سيڪڙو اضافي سان 7.2 ارب ڊالي جي سطح تائين پهچي وئي آهي، ملڪي امپورٽ 64.3 سيڪڙو واڌ سان 17.5 ارب ڊالر جي سطح تائين پهچي وئي پاڪستان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 3.4 ارب ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو 4.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، ناڻي واري وزارت پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سڌي طرح پرڏيهي سيڙپڪاري 4 سيڪڙو لاٿ سان 439.1 ملين ڊالر رهي، پورٽ فوليو سيڙپڪاري مثبت رجحان سان 979.8 ملين ڊالر تائين پهچي وئي ڪل پرڏيهي سيڙپڪاري مثبت رجحان سان 1.31 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي پاڪستان جا زر مبادله ذخيرا سيپٽمبر جي ٽئين هفتي تائين 24 ارب ڊآلر ٿي ويا آهن، اسٽيٽ بئنڪ وٽ 17 ارب 18 ڪروڙ ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 6.82 ارب ڊآلر رهيا ٽن مهينن ۾ ٽيڪس روينيو 38.2 سيڪڙو اضافي سان 1396 ارب رپيا رهيو، جولاءِ ۾ نان ٽيڪس آمدني 51.9 سيڪڙو لاٿ سان 75 ارب رهي. جولاءِ ۾ مالياتي خسارو وڌي 462 ارب رپين جي سطح تائين پهچي ويو ٻن مهينن ۾ زرعي قرض 14.7 سيڪڙو واڌ سان 291.9 ارب رپين جي سطح تي رهيو سيپٽمبر ۾مهانگائي جي مهينيوار شرح 9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ٽن مهينن ۾ مهانگائي جي ساليانو شرح 8.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *