حڪومت وٽ نيب چيئرمين جا وڊيوز آهن، کيس بليڪ ميل پئي ڪري: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت نيب جي چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي نيب ملڪ جي سياست کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي نيب کي حڪومت جي ڪرپشن نظر نٿي اچي روز ويلٽ هوٽل پاڪستان جي ملڪيت اهي ملڪ جي اثاثي تي حڪومت وضاحت ڏي اڱاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ وري احتساب عدالت ۾ ايل اين جي جو معاملو هلي رهيو آهي نه ڪيس آهي نه ڪيس ۾ ڪائي حقيقت آهي هن چيو ته نيب ملڪ جي سياست کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته احتساب جو ادارو خود احتساب جوڳو آهي. نيب کي حڪومت جي ڪرپشن نظر نٿي اچي هن چيو ته روز ويلٽ هوٽل جو معاملو حڪومت جي خلاف نئون اڀري رهيو آهي حڪومت روز ويلٽ هوٽل جي معاملي تي وضاحت ڪري ته آخر هي ڇا آهي. هن چيو ته حڪومت کنڊ ۽ اٽو امپورٽ ڪرڻ جو اسڪينڊل عوام آڏو نه رکي سگهي هن چيو ته ملڪ جي اثاثي تي ئي حڪومت ڪائي عوام جي سامهون وضاحت ڪري هن چيو ته نيب جو سرڪس هلندو رهندو ۽ هي پراڻو آهي نيب جو مقصد ئي سياستدانن کي تارگيٽ ڪرڻ آهي يا ملڪ هلايو يا وري نيب کي هلايو هن چيو ته حڪومت وٽ نيب جي چيئرمين جا وڊيوز آهن هن چيو ته هڪ عورت وزيراعظم پورٽل ۾ شڪايت ڪئي هئي ته نيب جي چيئرمين اڻوڻندڙ حرڪتون ڪيون هي معاملو قومي اسيمبلي ۾ به آيو آهي عورت چيو ته مون سان واعدا ڪيا ويا هئا جيڪي پورا ناهن ٿي سگهيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *