حڪومت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا پئي ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت معاشي لنگهه رٿا لاءِ رکيل پئسن مان اورينج لائين رٿا ٺهي رهي آهي،اهڙن قدمن سان صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪري رهي آهي.ذريعن مطابق خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ڀلائي واري رياست جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر عوام جي مجبورين مان فائدو ٿا کڻن، حڪومتي قرضن واري ڳالهه به سڀني کي خبر آهي،عوام تي ٽيڪس جو بار وڌو پيو وڃي،حڪومتي قدمن مان لڳي ٿو ته انهن کي عوام جي فائدي سان ڪو به سروڪار ناهي ۽ ڪاري پئسي کي قانوني بڻائڻ لاءِ ڪايمنسٽي اسڪيم هلائي پئي وڃي. خورشيد شاهه چيو ته ٻڌايو وڃي ته اها آمريت جي حڪومت آهي  يا جمهوريت جي،2004ع ۾ تيل جو اگهه 32 ڊالر في بيرل هو ته پيٽرول جو اگهه 62 رپيا ٿيو هو،2012ع ۾ 110 بيرل في ڊالر هو ته پيٽرول جو اگهه 97 رپيا هو،2012ع کانپوءِ تيل جا اگهه 3 سيڪڙو هيٺ اچي ويا،بجلي جا اگهه 33 سيڪڙو وڌايا ويا،هن وقت ملڪ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم شين جي اگهن تي بحث هلي رهيو آهي.مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته سرڪلرڊيٽ اڄ وري 500 ارب کان وڏي ويو آهي،2013ع تائين گڏيل قرض 140 کرب هو ۽ هاڻي 180 کرب ٿي چڪو آهي،جڏهن ته سي پيڪ تي پوري قوم خوش هئي پر خاص علائقن لاءِ هوندو اها ڄاڻ نه هئي،سي پيڪ رٿا جي پئسي مان اورينج لائين لاءِ پئس ڪڍيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *