حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ۽ سڄي ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ پرعزم آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرامد ۽ سڄي ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ پرعزم آهي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو هو جمعي تي هتي قومي سلامتي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ ناصر خان جنجوعا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن جمعي تي ايوان صدر ۾ ان سان ملاقات ۾ ڪئي قومي سلامتي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي موجوده صورتحال متعلق معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي صدر ليفٽيننٽ جنرل ناصر خان جنجوعا کي قومي سلامتي صلاحڪار جي حيثيت سان مقرري تي واڌايون ڏيندي هن پاران ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ذريعن مطابق صدر سان بلوچستان جي وڏي وزير جي صلاحڪار جمال شاهه ڪاڪڙ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر عبدالڪريم نوشيرواني به ايوان صدر ۾ الڳ الڳ ملاقات ڪئي انهن صدر کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي رٿائن کان آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *