حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي: سراج الحق

حيدرآباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق چيو آهي ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ وائيٽ ڪالر ماڻهو پنهنجي قلم ۽ عهدن جي آڌار تي ڪرپشن ڪري رهيا آهن. حيدرآباد بار ايسوسئيشن کي خطاب ڪندي مولانا سراج الحق جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار اهڙو قانون جوڙيو آهي جيڪو ٻين صوبن ۾ به لاڳو ٿيو ته وڪيل ۽ معزز ماڻهو اندر ۽ چور ٻاهر هوندا. سراج الحق مارچ ۾ ڪرپشن خلاف ۽ اليڪشن ريمارم لاءِ جهدو جهد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اهڙو نظام برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪو غريب لاءِ الڳ ۽ امير لاءِ الڳ هجي. هن چيو حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ وائيٽ ڪالر ماڻهو پنهنجي قلم ۽ عهدن جي آڌار تي ڪرپشن ڪري رهيا آهن.  سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ هٿيار بند ۽ معاشي ۽ سياسي دهشتگردي ٿي رهي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري قوم کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سراج الحق جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ متحده جي جهيڙي سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد کي نقصان نه ٿيڻ گهرجي، بلدياتي نظام کي وڌ کان وڌ اختيار ملڻ گهرجن. مولانا سراج الحق وڌيڪ چيو ته چاهيون ٿا ته وفاق ۽ صوبا پنهنجو وقت پورو ڪن ته جئين سندن ڪارڪردگي تي عوام انهن جو احتساب ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *