حڪومت ملڪ کي بيانيي جي جنگ ۾ منجهائي رکيو آهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جا جلسا ڏسي ورهايل ۽ اڻڄاتل سرڪار جا هٿ پير سڄُي ويا آهن ۽ هاڻ انهن جا ڏينهن به ٿورا بچيا آهن. پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شيري رحمان چيو ته تبديلي سرڪار رڳو تباهي پکيڙي رهي آهي، ٻن سالن کان هي ملڪ کي گري لسٽ مان ناهن ڪڍي سگهي ، راتون رات بڻايل غلط قانونن جي ڪري توهان اڃا تائين گري لسٽ ۾ آهيو جنهن جي حڪومت کي وضاحت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر هو پارليامان ته اچن، ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڇو ناهي گهرايو ويو. سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين ملڪ جو اصل مسئلو مهانگائي آهي پر ان جي باري ۾ ڪا به ڳالهه نه پئي ڪئي وڃي ڇو ته حڪومت اسان سڀني کي نظريي جي ونگ ۾ منجهائي رکيو آهي، اِها ورهايل ۽ اڻڄاتل سرڪار آهي جيڪا چيلهه ٽوڙيندڙ مهانگي جي معاملي تي چپ آهي، ڊسمبر تائين ملڪ ۾ اٽي جو بحران سنگين ٿيڻ وارو آهي، کنڊ بحران تي ڪميشن بڻائي پر ڪجهه نه ٿيو ۽ جن جا نالا آهن ڪابينا ۾ انهن جون ڪرسيون تبديل ڪيون ۽ هو ٻاهر هليا ويا. شيري رحمان چيو ته نيب ته صرف مخالف ڌر لاءِ آهي، حڪومت جي بي آر ٽي جون بسون سڙيون پر نيب تي ڪو به اثر نه پيو، ان تي ڪا انڪوائري نه ٿيندي، پنجاب ۾ هنن جي دوستن جون ملون ڪڻڪ ذخيرو پيون ڪن، سيارو اچڻ کان اڳ ئي گيس جو بحران ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي توانائي جي شعبي جو گردشي قرض آسمان تي پهچي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جهڙي طرح هي ڪشمير، پرڏيهي پاليسي ۽ ايف اي ٽي ايف معاملن تي غائب آهن ان کان پوءِ اِهو سوال ته اُٿي ٿو ته ملڪ کي ڪير هلائي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *