حڪومت ملڪي معيشت کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي: پ پ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ جي معيشت کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي ملڪي نفعو ڏيندڙ ادارن کي خانڳائڻ عالمي سازش لڳي ٿي دنيا ۾ هن وقت تيل جي ذخيرن تي قبضي جي جنگ هلي رهي آهي اولهه ملڪ چاهين ٿا ته جن ملڪن وٽ تيل جا ذخيرا آهن انهن جي وسيلن تي قبضو ڪيو وڃي پيپلزپارٽي موجوده حڪومت کي ڊي ريل ڪري آمريت جو رستو هموار نٿي ڪرڻ گهري قومي ادارن کي خانڳائڻ جي خلاف هر فورم تي پرامن احتجاج ڪنداسين پيپلزپارٽي کي قومي ادارا خانڳائڻ قبول نه آهن قومي ادارن کي خانڳائي حڪومت لکين مزدورن جي گهرن ۾ فاڪا ڪشي آڻڻ گهري ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي پيپلزپارٽي ميڊيا سيل سنڌ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سعيد غني، شمشاد قريشي، لطيف مغل ۽ منظور عباس موجود هئا هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ قومي ادارن کي ڀڳڙن جي مٺ تي پنهنجن فرنٽ مئنن ۽ بزنس پارٽنرن کي وڪرو ڪري رهي آهي آءِ ايم ايف حڪومت کي واضح ڪيو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي ۽ قومي ادارن جي نجڪاري جو عمل تيز ڪيو وڃي. جيستائين شرطون پوريون نه ٿينديون اڳئين قرض جي قسط جاري نه ڪئي ويندي حڪومتي پاليسين جو اندازو اهڙي طرح لڳائي سگهجي ٿو ته آءِ ايم ايف جي وفد پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون دبئي ۾ ٿي رهيون آهن رضا رباني چيو ته حڪومت 69 قومي ادارن جي نجڪاري جو پلان ٺاهيو آهي جنهن ۾ صرف 18 ادارا خساري ۾ آهن جيڪڏهن انهن 18 مان به انهن 7 ادارن جي نجڪاري ڪئي وڃي ته بعد ۾ به سبسڊي جي مد ۾ حڪومت کي پئسا ادا ڪرڻا پوندا هن چيو ته آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ملڪ ۾ تيل پيدا ڪرڻ جي سڀ کان وڏي ڪمپني اهي حڪومت ان جي نجڪاري ڪري ملڪي تيل جي پيداوري وسيلن کي پرڏيهي هٿن ۾ وڪرو ڪرڻ گهري ٿي. او جي ڊي سي ايل هڪ نفعو ڏيندڙ ڪمپني آهي جنهن جو گذريل سال نفعو 90 ارب رپيا هو هن چيو ته او جي ڊي سي ايل جي مزدورن کي نجڪاري جي خلاف احتجاج ڪرڻ تي مٿن تشدد ڪيو ويو انهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا سوين مزدورن کي گرفتار ڪيو ويو هاڻي انهن جون ضمانتون به نٿيون ورتيون وڃن هن چيو ته پيپلزپارٽي او جي ڊي سي ايل جي مزدورن سان گڏ آهي انهن جو جيڪو لائحه عمل هوندو پيپلزپارٽي انهن جو ساٿ ڏيندي هن يو ته بجلي جون قيمتون به آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وڌايون پيون وڃن 52 پئسا في يونٽ قيمت ۾ واڌ مذمت جوڳو عمل آهي بجلي جي قيمت وڌائي ان جو بار عام ماڻهو تي وڌو پيو وڃي جيڪو اڳواٽ ئي مهانگائي ۽ غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل کي خانڳائڻ جو به ارادو رکي ٿي ۽ ان حوالي سان اطلاع آهن ته انهن ادارن جي نجڪاري لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به مزدورن کي بيرزوگار ٿيڻ نه ڏيندي هن چيو ته 18هين ترميم ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته تيل ۽ بين قدرتي وسيلن جا ذخيرا جن صوبن ۾ هوندا انهن ۾ 50 سيڪڙو حصو وفاق ۽ 50 سيڪڙو حصو واسطيدار صوبي جو هوندو. هن چيو ته قومي ادارن جي نجڪاري جي پاليسي تي صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. هن حڪومت تي واضح ڪيو ته هو قومي ادارن جي نجڪاري کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ پيپلزپارٽي پورهيتن سان گڏجي رستن تي احتجاج ڪندي. هي احتجاج آئين ۽ قانون مطابق هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *