حڪومت مستقبل جي ضرورتن کي سامهون رکندي قانونسازي ڪري رهي آهي: اسحاق ڊار

لاهور (بيورو) ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ضم ڪيو ويو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت مستقبل جي ضرورتن کي سامهون رکندي قانونسازي ڪري رهي آهي، نيڪ نيتي سان ئي سمورا ڪم ڪري سگهجن ٿا. اسلام آباد ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ضم ڪرڻ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو خواب پورو ڪرڻ ۾ 15 سال لڳا، اڄوڪو ڏينهن تاريخي آهي، جنهن تي هُو سڀني کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. اسحاق ڊار چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ واضح روڊ ميپ ٺاهيو ويو آهي، معيشت، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اسحاق ڊار چيو ته قونسازي بابت حڪومت جي پاليسي واضح آهي، مستقبل جي ضرورتن کي سامهون رکندي قانونسازي ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *