حڪومت ماضي ۾ عوام دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ اڳتي به ڪندي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت جهڙي طرح ماضي ۾ عوام دوست پاليسيون اختيار ڪيون ائين مستقبل ۾ به عوام دوست پاليسيون ٺاهيندي، اڳتي به عوام کي رليف ڏنو ويندو. ميٽرو بس سان عام ماڻهن کي فائدوپهچندو، حڪومت صاف شفاف طريقي سان پيمران چيئرمين آڻڻ چاهي ٿي، اسان کي هڪٻئي جي غمن ۽ خوشين ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي. ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ يونيورسل پيس مشن جي اهتمام هيـٺ بين المذاهب هم آهنگي سيمينار ۽ ميڊيا سان ڳالهايئندي وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال رپئي جو قدر مستحڪم ٿيو آهي، مهانگائي ۾ به واضح طور تي گهٽتائي آئي هي هي سمورا عوام دوست قدم آهن، هن چيو ته ڪيترن ئي ملڪن تيل جي قيمتن جو لاڀ عوام تائين ناهي پهچايو پر وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايتن تي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي عوام تائين منتقل ڪيو ويو، حڪومت ماضي ۾ جهڙي طرح عوام دوست پالسيون اختيار ڪيون آهن ايندڙ ڏينهن ۾ به عوام دوست پاليسيون ٺاهيندي، اهڙي طرح بجلي جا ڪارخانان هڻڻ ۽ گئس جي پائيپ لائين وڇائڻ به عوام دوست پاليسيون آهن اهڙي طرح ميٽرو بس سان به عام ماڻهن کي فائدو پهچندو، ميٽرو بس روٽس تي ماڻهن کي پڪ اپ جي سهولت ڏيڻ به عوام دوست قدم آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊسڪه واقعي تي حڪومت فوري طور تي نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي ، پنجاب زنده ۽ پرامن آهي اتي صرف پرامن احتجاج ٿيو آهي، ڊسڪه واقعو افسوسناڪ آهي ۽ ان واقعي جو ڪيس داخل ٿيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر پرويز رشيد چيو ته اسان صاف شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان پيئمرا چيئرمين آڻڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته حڪومت کي هي آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن کي به باهه هڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڊسڪه جي افسوسناڪ واقعي تي حڪومت جو رد عمل ظاهر آهي، سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون اسان تي الله تعاليٰ جون رحمتون نازل ٿينديون اسان کي هڪٻئي جي ڏک درد ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي ان سان نه رڳو ماڻهن ۾ تعاون وڌي ٿو پر الله تعاليٰ به خوش ٿئي ٿو، جڏهن مخلوق هڪٻئي جي لاءِ اذيت جو سبب بڻجي ٿي ته ان سان الله تعاليٰ به خوش نٿو ٿئي، اردن جي سفير خطاب ڪندي چيو ته اڄ دنيا گلوبل وليج بڻجي وئي آهي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري انساني قدر اسان کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي رهيا آهن، اسلام برابري جو پيغام ڏي ٿو، جڏهن ته سيمينار ۾ ان کانسواءِ هندو، سک ۽ ٻين اسڪالرن به شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *