حڪومت قرض وٺي عوام کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت قرض وٺي عوام کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي چونڊ لاءِ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاڪستان علامه اقبال جو هڪ پراڻو خواب هو جڏهن ته نهايت افسوس جي ڳالهه آهي جو سڄي دنيا مان قرض وٺي اسان پاڪستاني قوم کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي جنهن کان به قرض وٺنداسين هو اوهان تي پنهنجو شرطون لاڳو ڪندو اسان جو جيڪو ڪردار هو اهو اسان ادا ڪيو ۽ ڪري رهيا آهيون عمران خان حڪومت ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف کان قرض وٺي رهي آهي جنهن کان قرض وٺي رهيا آهيون ان جو غلام ٿيڻو پوي ٿو قرضن جو بار عوام تي پوندو ۽ سڄي قوم غلام بڻجي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *