حڪومت قبولي ته ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ تيار ناهي، وزير اعظم سليڪٽڊ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽوزرداري چيو ته وزيراعظم ڊڄڻو آهي، ڪٿي به بحث لاءِ تيار نه ٿيندو، رياست ڪورونا ۾ ماڻهن جو حشر اهڙو ڪري رهي آهي جهڙو ڪارگل جنگ ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته ماڻهو مرن ٿا مرن، سليڪٽيڊ وزير اعظم کي فرق نٿو پوي، هن کي ووٽ وٺڻ ۽ حڪومت بچائڻ لاءِ ٻين سان رابطو ڪرڻو آهي، وزيراعظم جِي اڄوڪي تقرير به سليڪٽرز لاءِ هئي، عوام لاءِ نه هئي. بلاول ڀٽو زرداري چيوته حڪومت ڪو به ڪم تيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، حڪومت معيشيت ۽ ڪوورنا تي ناڪام آهي، هي وقت عوام جي زندگي جي تحفظ ڪرڻ جو آهي پر حڪومت کي عوام جو فڪر ناهي. هن چيو ته ماڪڙ فصلن کي کائي تباهه ڪري رهي آهي، فوڊ سڪيورٽي خطري ۾ آهي، وزيراعظم دلچسپي نٿو وٺي يا ان کي صحيح مشورو نه ٿو ڏنو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت نوڪريون ۽ 50 لک گهر نٿي ڏئي سگهي، ان لاءِ ڪورونا جي پٺيان لڪي رهي آهي . بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي پارليامينٽ ۽ ٽي وي تي مناظري جو چئلينج ڏيندي چيو ته وزيراعظم چوندو هو ته بحث ٿيندو پر ٻن سالن کان ڪو بحث ناهي ٿيو، وزيراعظم کي جواب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم کي ليڪچر ڏيڻ جو شوق آهي پر پنهنجي ليڪچر تي عمل ڪرڻ جو ارادو ناهي. پ پ چيئرمين وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم چئي پيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪامياب پرڏيهي پاليسي آهي، ولاريل ڪشمير جي عوام کان پڇيو وڃي ته اوهان جي پرڏيهي پاليسي ڪيتري ڪامياب آهي، اوهان جي پرڏيهي پاليسي سڀ کان بزدلاڻي ۽ ڪمزور رهي آهي. هن چيو ته آبادي جي حساب سان سنڌ ۾ ڪورونا ٽيسٽ وڌيڪ ٿي رهيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *