حڪومت عمران جي مطالبن کي تسليم نه ڪيو ته پلان سي زيڊ تائين وڃي سگهي ٿو: پرويز الاهي

لاهور (بيورو)چوڌري ڀائرن، عمران خان جي پلان سي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت عمران خان جي مطالبن کي تسليم نه ڪيو ته پلان سي زيڊ تائين وڃي سگهي ٿو. لاهور ۾ چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي ماڊل ٽائون واري رهائشگاهه پهچي عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري کان طبيعت پڇي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته حڪومت ملڪي حالتن کي سمجهي عمران خان جا چار تڪ کولڻ وارا مطالبا منظور ڪري، جيڪڏهن سرڪار ائين نه ڪيو ته عمران جو پلان زيڊ تائين به وڃي سگهي ٿو. پرويز الاهي چيو ته جيڪڏهن پلان زيڊ تائين ويو ته پوءِ نوان قاعدا ايندا ۽ سرڪار ڏچي ۾ پئجي ويندي، ان ڪري وقت ضايع ڪرڻ بدران حڪومت عقل جو مظاهرو ڪري. پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته حڪومت بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن سرڪار انصاف چاهي ٿي ته شهباز شريف کي استعفيٰ ڏيڻي پوندي. چوڌري شجاعت حسين چيو ته، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آصف زرداري سٺو رانديگر آهي پر هن وقت پيپلزپارٽي ن ليگ سان گڏ ويٺل نه پر بيٺل آهي. چوڌري شجاعت حسين چيو ته عمران خان سوچي سمجهي اعلان ڪيو آهي، وٽس هاڻي ٻيو ڪو چانس ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *