حڪومت عدالتي ڪميشن ۾ ڳجهن ادارن جا نمائندا شامل ڪرڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت،ڌانڌلي واري معاملي جي جاچ لاءِ جڙندڙ عدالتي ڪميشن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جا نمائندا شامل ڪرڻ وارو عمران خان جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو،اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڪميشن ۾ ڳجهن ادارن جا نمائندا نه پر رڳو حاضر سروس جج ئي شامل ٿي سگهن ٿا،پي ٽي آءِ جو مطالبو حيران ڪندڙ آهي. اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو ته آئين جي ابتڙ ڪابه ڪميشن نه جوڙي ويندي، پاڪستان ۾ نه جهنگ جو قانون آهي ۽ نه وري بادشاهت قائم آهي. اسحاق ڊار چيو ته ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ جي نمائندن کي ڪنهن به صورت ۾ جاچ ڪميشن ۾ شامل نه ڪيو ويندو،عدالتي ڪميشن ۾ ايجنسين جا اهلڪار ناهن هوندا پر عدالتن جا جج شامل هوندا آهن. هن سوال ڪيو ته عمران خان ٻڌائي ته هو عدالتي ڪميشن چاهي ٿو يا جوائنٽ انويسٽي گيشن ڪميشن جوڙائڻ چاهي ٿو؟. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته عدالتي ڪميشن لاءِ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي وئي آهي، ججز جا نالا ڏيڻ حڪومت جو ڪم ناهي پر عدالت ئي ڪميشن جو اعلان ڪندي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 2013ع وارين عام چونڊن کي شفاف تسليم ڪري چڪي آهي،عمران خان جي بيان ۾ وائڙائپ نظر اچي ٿي، رڳو 30 تڪن لاءِ پارليامينٽ کي ٽوڙڻ درست عمل نه هوندو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي 10 اجلاس ڪري چڪي آهي،ڌرڻن سبب ملڪ کي نقصان پهتو آهي، تنهنڪري اهڙي سياست کان پاسو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته عمران خان 17 مهينن کان ڌانڌلين جا الزام هڻندو پيو اچي،پر هن وٽ ڪي به ثبوت ناهن. پرويز رشيد جو چوڻ هو ته سندس وس ُپڄي ها ته هو پي ٽي آءِ جي ايم ايز جون استعيفائون پهرين ڏينهن ئي منظور ڪري وٺي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *