حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽائي جو عوام کي فائدو ڏيڻ لاءِ تيل ۽ بجلي جون قيمتون گهٽائي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچائڻ لاءِ پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ عالمي مارڪيٽ جي حساب سان گهٽتائي ڪئي وڃي، بجلي جي 5 6 سيڪڙو پيداوار تيل جي ذريعي آهي پر بجلي جي قيمتن ۾ ڏيڍ سال ۾ 5 3 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه هجڻ برابر ڪئي وئي، او جي ڊي سي ايل گذريل سال 4 2 1 ارب منعافو ڪمايو، حڪومت منعافو ڏيندڙ اداري کي ڇو وڪڻڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيل مل بند ٿي وئي، 5 2 هزار خاندانن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو، حڪمران بيورو ڪريسي جا مشورا مڃڻ ڇڏي ڏين، ملڪي ترقي لاءِ آپوزيشن حڪومت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هو قومي اسيمبلي ۾ اعتراضي نڪتي تي خطاب ڪري ر هيو هو. سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون 6 3 ڊالر گهٽ ٿيون، ان باوجود بجلي جي قيمتن ۾ 6 2 سيڪڙو واڌ ٿي، 0 6 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي تيل مان پيدا ٿي رهي آهي، پوءِ تيل جي قيمت گهٽجڻ تي بجلي جي قيمت گهٽجڻ بدران وڌي ڇو رهي آهي؟ ڀارت سميت خطي جي تمام ملڪن ۾ بجلي جي قيمت پاڪستان کان گهٽ آهي، گذريل مهيني واپڊا وڌيڪ بلنگ ڪئي اها رقم به اڃا تائين عوام کي واپس ناهي ڪئي وئي، اهو عوامي نوعيت جو معاملو آهي، حڪومت ڌيان ڏئي، حڪومت گذريل عام چونڊن ۾ بجلي جي معاملي تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، او جي ڊي سي ايل هن سال 4 2 1 ارب جو منعافو ڏنو، پوءِ ان کي ڇو وڪيو پيو وڃي، 2 7 سيڪڙو گئس سنڌ فراهم ڪري رهيو آهي، اسان خانگائڻ جي مخالفت ڪنداسين، پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسٽيل مل بند ٿي وئي آهي، 5 2 هزار خاندانن جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي، اسٽيل مل جي بحالي لاءِ حڪومت امدادي پيڪيج جو اعلان ڪري، ان اداري کي بند ٿيڻ کان بچايو وڃي، کربن رپين جي زمين آهي ان جي خانگائڻ جي صورت ۾ ان زمين تي وفاق ۽ سنڌ ۾ نئون تڪرار پيدا ٿيندو، حڪومت بڻائڻ بعد حڪمرانن جي ترجيحات تبديل ٿي وئي آهي، حڪمران بيورو ڪريسي جي مشورن تي هلي رهي آهي، حڪومت مسئلا حل ڪرڻ جو پروگرام بڻائي، آپوزيشن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ جي ترقي ۽ بهتري لاءِ اسان سڀني کي هڪ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، جمهوريت جي مستقبل تان ڪارا ڪَڪر ٽريا ناهن، هڪ ڀيرو وري حملو ٿي سگهي ٿو، حڪومت مخالف ڌُر کي گڏ وٺي هلي ان سان سندس اعتماد ۾ واڌ ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *