حڪومت شفاف ٿيندي ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو: عمران خان

دبئي (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر بدقسمتي سان ترقي جي رفتار برقرار نه رکي سگهيو ماضي ۾ ٽيڪس جا پئسا حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ٿيندا رهيا سڌارا مشڪل پر ضروري آهن اسان کي پنهنجي ٽيلنٽ کي اڳيان آڻڻو پوندوپاڪستان کي گهڻو مٿي وٺي وڃڻ چاهيان ٿو مان پنهنجي غلطين مان سبق سکيو آهي هي وقت پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جو آهي سيڙپڪار بهترين موقعي کي نه وڃائين آچر تي هتي ٿيندڙ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته خوشي آهي ته اسلامي دنيا ۾ به اهڙِ قسم جي ڪانفرنس ٿي رهي آهي عمران خان چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ يو اي اِي جي ايئرلائين کي پي آءِ اي مدد فراهم ڪئي پر بدقسمتي جو پاڪستان ترقي جي رفتار برقرار نه رکي سگهيو هن چيو ته ترقي جو بنياد ئي بهتر نموني حڪمراني آهي عراق ۾ اسان سڀ کان اڳتي ۽ ٽيڪس ڏيڻ ۾ سڀ کان پوئتي آهيان جڏهن ماڻهو ايترا سٺا آهن ته پوءِ ٽيڪس ڇو ادا نٿا ڪن ان جو سبب ماڻهن جو حڪمرانن تي اعتماد نه آهي ڪرپشن سان ٽيڪس جو پئسوچوري ٿئي ٿو هن چيو ته سڌارا مشڪل آهن پر ضروري آهن. جڏهن اوهان هار مڃي وٺو ٿا تڏهن اوهان هارائي وڃو ٿا جڏهن اوهان سڌارا ڪريو ٿا ته ماڻهن کي ڏکيائينکي منهن ڏيڻو پوي ٿو اسان معاشي سڌارا ڪري رهيا آهيون سيڙپڪار پاڪستان اچي رهيا آهن وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ گڏيل عرب امارات جي ايئرلائين جي جوڙجڪ ۾ پي آءِ اي مدد ڪئي هئي. سيڙپڪارن کي چوان ٿو ته هي وقت آهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان تعاون کي ساراهيون ٿا اسان ايڪسپورٽ ۾ واڌ امپورٽ ۾ لاٿ مالياتي خسارو گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پرڏيهي سيڙپڪارن لا3 آساني پيدا ڪري رهيا آهيون آسٽريليا ۾ ٽيلينٽ کي مٿي آڻڻ لاءِ بهتري طريقيڪار آهي دنيا جي پهرين فلاحي رياست مديني ۾ قائم ڪئي ويئي رياست مديني ۾ قانون جي حڪمراني هئي رياست مديني ۾ پوڙهن ماڻهن جي مدد ڪئيويندي هئي هن چيو ته موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻوٽا پوکي رهيا آهيون وزيراعظم چيو تهڪانفرنس ۾ موجود ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرڪيٽ مان سياست ۾ ڪيئن آيس اهو به ٻڌا.ئڻ چاهيان ٿو ته مانپاڪستان لاءِڇاچاهيان ٿو منهنجي ماءُ جڏهن ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪيو ته احساس ٿيو تهپاڪستان ۾ ڪينسر جي ڪائي اسپتال نه ڪرڪيٽ کان رٽائرڊمينٽ کان پوءِ اسپتال ٺاهڻ تيڌيان ڏنو وزيراعطم چيو ته قومن جي تاريخن ۾ لاها چاڙها ايندا رهن ٿا پاڪستاني قوم مصبوط پرعزم ۽ سرندي واري آهي عمران خان چيو ته سمجهدار قيادت هميشه موقعن مان فائدو وٺي قوم کي ترقي ڏي ٿي وزيراعطم چيو ته سياحت مان ملائيشا 22 ارب ۽ ترڪي 42 ارب ڊالر ڪمائي ٿو پاڪستان ۾ هڪ هزار ڪلوميٽر جي سامونڊي پٽي آهي پاڪستان 5 هزار سال پراڻي تهذيبن جو مرڪز آهي جڏهن ته مذهبي سياحت جا به پاڪستان ۾ اڻ ڳڻيا موقعا آهن وزيراعظم چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ حڪومت آئي آهي جيڪا سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي سيڙپڪاري ٿيندي ته روزگار جا موقعا وڌندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *