حڪومت سوشل ميڊيا تان توهين آميز مواد هٽائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس دوران ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته حڪومت سوشل ميڊيا تان توهين آميز مواد هٽائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، سوشل ميڊيا تي اهڙي مواد جي اجازت نه ڏينداسين، جيڪو مذهبي جذبا مجروح ڪري، توهين آميز مواد هٽائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا، اهڙي مواد کي هٽائڻ لاءِ مستقل حل ڪڍيو وڃي، انٽرنيٽ تي گستاخانه مواد پڪڙڻ لاءِ سوفٽ ويئر تيار ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *