حڪومت سنڌ اسيمبلي مان هندو ميرج ايڪٽ بل پاس ڪرائي تاريخ رقم ڪئي آهي: مولابخش چانڊيو

عمرڪوٽ (رپورٽر) اقليتي برادري پاڪستان جا برابر جا شهري آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اقليتي برادري جي خوشين ۾ شرڪت کي ترجيح ۽ انهن جي حقن جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي آهي ، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتي برادري جي خوشين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ اچي رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران سنڌ اسيمبلي مان هندو ميرج ايڪٽ بل پاس ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي ۽ اقليتي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو آهي . اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهوڙو ،  اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ، صوبائي وزير بهبود آبادي ۽ پيپلز پارٽي عمرڪوٽ جي ضلعي صدر حاجي سيد علي مردان شاهه، صوبائي وزير خوراڪ سيد ناصر شاهه، ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر، ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري جي اقليتي برادري جي هولي جي خوشين ۾ شرڪت ۽ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جلسه عام کي ڪامياب بنائڻ بابت  گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي ۽ جيڪي پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن اهي هر صورت ۾ ناڪام ويندا. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف  مائنس  ون جاخواب ڏسندڙ احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا ۽ اهو خواب انهن جو پورو نه ٿيندو  ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چئيرمين آصف علي زرداري ۽ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ئي رهندو . نثار احمد کهڙو ۽ مولا بخش چانڊيو چيو ته عوام ۾  اڄ به 27 ڊسمبر ۽ 4 اپريل کي ڪارو ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو . هنن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪي آهي جيڪڏهن ايئن هجي ها ته بلدياتي اليڪشن 2015 ۾ 23 ضلعن ۾ اڪثريت سان ڪيئن کٽي ها؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخدوم خاندان پيپلز پارٽي جي فائونڊر جماعت آهي ۽ مخدوم طالب المولي کان وٺي مخدوم امين فهيم تائين پ پ پ جا اهم وفادار رهيا ۽ اڄ به پيپلز پارٽي سان گڏ آهن . هن چيو ته پ پ پ ۾ وڏا وڏا نالا آيا جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپر، علي احمد ٽالپر، غلام مصطفي جتوئي ، حفيظ پيرزادو ، مولانا ڪوثر نيازي  جهڙا ڪيترائي آيا پر جڏهن هنن  پيپلز پارٽي سان اختلاف اختيار ڪيو ته هنن جو وجود ئي ختم ٿي ويو . هنن چيو ته عمرڪوٽ جي بهتري لاءِ موئثر ڪوششون ڪيون پيون وڃن . ان کان اڳ هنن 24 مارچ تي ٿيندڙ اقليتي برادري جي ٿيندڙ تهوار ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت ۽ جلسه عام واري هنڌ جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ 18 فوٽ ڊگهي اسٽيج جي ٿيل انتظامن کي پڻ آخري شڪل ڏني. ان کان بعد سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو سنڌ هائوس عمرڪوٽ ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي پ پ پ عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪئي . ان موقعي تي صوبائي وزير دوست علي راهمون،  پ پ پ ايم پي ايز خير النساء مغل، نصرت سلطانه خواجه ، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي،  ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، سيد سردار علي شاهه، سينيٽرز انجنئير گيانچند، هري رام ڪشوري لال،  ايم اين اي مير منور ٽالپر،  خالد سراج سومرو، قاسم سراج سومرو، پارٽي عهديدارن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *