حڪومت سردار محمد رضا نئون چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد /ڪراچي(نمائندن وٽان) صدر مملڪت ممنون حسين، سردار محمد رضا خان کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ميان نواز شريف جِي سفارش تي صدر ممنون حسين جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا خان کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ واري سمري منظور ڪئي. صدر پاڪستان جِي منظوري کانپوءِ سردار محمد رضا خان جي چيف اليڪشن ڪمشنر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ان کان اڳ پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽر رفيق رجوانا جِي سربراهي ۾ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کانسواءِ ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران جسٽس رٽائرڊ طارق پرويز، جسٽس رٽائرڊ تنوير احمد خان ۽ جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا خان جي نالن تي غور ڪيو ويو، جن مان ڪميٽي ميمبرن سردار محمد رضا خان جي نالي تي اتفاق ڪيو. واضح رهي ته جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا خان جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ جو جج پڻ رهي چڪو آهي، جڏهن ته هن وقت هو وفاقي شرعي عدالت جَي چيف جسٽس طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته رٽائرڊ جسٽس سيد سردار رضا کي چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊڻ صحيح فيصلو آهي ۽ پ پ ان فيصلي تي خوش آهي، هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جهڙي آهي ته ڪميٽي گڏيل فيصلو ڪيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته اسان کي اميد آهي ته جسٽس سردار رضا قوم جي اميدن تي پورو لهندو ۽ صفاف چونڊن جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندو، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري کي شفاف ۽ سڀني کي قابل قبول بڻائڻ لاءِ تمام ممڪنا آئيني تقاضائن کي پورو ڪندو، هن چيو ته تمام پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو شڪر گذار آهي جو انهن ان عمل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ان جي تعاون سبب ان اهم ترين چونڊ جو عمل اتفاق راءِ سان ٿي سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *