حڪومت روزگار جا موقعا ۽ ميونيوفيڪچرنگ شعبي جي تيز ترقي ذريعي خانگي شعبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو آهي: صدر

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ روزگار جا موقعا ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي تيز ترقي ذريعي خانگي شعبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو آهي، هو سومر تي پاڪستاني ڪمپني ايمرلي اسٽيلز جي چيئرمين عباس اڪبر علي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، صدر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معيشت کي بحال ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪاروبار ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ هر قدم کڻڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، هن چيو ته تيار شين ۾ سيڙپڪاري اسان جي معيشت جي بحالي جي لائيف لائين آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن چئلينجز جي باوجود حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *