حڪومت رات جو ڪارروائي دوران ڪالعدم تنظيم جي 32 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو:فواد چوڌري

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، بندش پيل تنظيم جي مظاهرن، ملڪي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪالعدم تنظيم جي حوالي سان اهم فيصلن جا امڪان آھن، حڪومت رات جو ڪارروائي دوران ڪالعدم تنظيم جي 32 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته گرفتار ٿيل ڪارڪن جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي نفرت پکيڙيندڙ پروپئگنڊا ڪري رهيا هئا، جعلي خبرن ۽ پروپئگنڊا خلاف وڏو ايڪشن شروع ڪيو ويو آهي، جلد وڌيڪ گرفتاريون ڪيون وينديون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *