حڪومت راءِ جي اظهار جي آزادي تي ڪامل يقين رکي ٿي ، موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون : فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو فواد چوڌري ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي چوڌري پرويز الاهي فواد چوڌري کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو چوڌري فواد چيو ته حڪومت راءِ جي اظهار جي آزادي تي ڪامل يقين رکي ٿي اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ بلڪل ٺيڪ نه آهي هن چيو ته پنجاب اسيمبلي اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري چوڌري فواد چيو ته پنجاب اسيمبلي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت ان تي عمل ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *