حڪومت ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي ختم ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي ختم ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، گهرو وزارت طرفان داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي جو فيصلو ختم ڪرڻ جواختيار ناهي ان لاءِ ان کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ياد رهي ته ممبئي حملي ڪيس ۾ ضمانت تي آزادي کانپوءِ حڪومت ان کي اڊيالا جيل ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان جي فوري آزادي جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *