حڪومت جي ناقص پاليسين سبب هاري ۽ واپاري نتيجا پيا ڀوڳين: آصف زرداري

لاهور (اين اين آءِ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان لاهور چيمبر جي وفد ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته پرڏيهي قرضن جي شرح خطرناڪ حد کي ڇهي رهي آهي، پرڏيهي قرض بلند ترين وياج جي شرح تي ورتا پيا وڃن، آصف زرداري چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين  جو نتيجو هاري ۽ واپاري ڀوڳي رهيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا ثمر عوام تائين منتقل نه پيا ٿين، پ پ ٻيهر حڪومت ۾ اچي واپارين لاءِ سرمائيداري جا دروازا کوليندي، اسان ميدان ۾ نڪرڻ وارا آهيون هاڻي انهن کي ٻڌائينداسين ته چونڊ ڪيئن وڙهي ويندي آهي، پهرين به اسان پنجاب ۾ شڪست نه کاڌي، اسان کي آر او اليڪشن سان هارايو ويو، پنجاب ۾ ڪهڙيءَ طرح شفاف اليڪشن ٿيندا آهن، اسان ٻڌائينداسين، آصف زرداري چيو ته ملتان ۾ جلسو ڪنداسين ۽ انهن کي ٻڌائينداسين ته جلسو ڇا کي چوندا آهن  ٻئي طرف آصف علي زرداري ايندڙ عام چونڊن کي شفاف بنائڻ لاءِ سمورين پارٽين سان رابطا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گذريل چونڊن ۾ اسان جا هٿ ٻڌل هئا پر هاڻي اسان جا هٿ کليل آهن. پ پ ڪڏهن به شڪست ناهي کاڌي جڏهن ته اسان آر اوز اليڪشن مان ضرور شڪست کاڌي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ پ جي اڳواڻ حاجي عزيز الرحمان چن پاران پنهنجي اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته مان تواهن جو جوش ڏسي چئي سگهان ٿو ته توهان مقابلي لاءِ تيار آهيو هن چيو ته مان پاڻ ميدان ۾ آهيان بلاول به ميدان ۾ آهي توهان جون نياڻيون به ميدان ۾ آهن اسان مقابلو ڪنداسين ۽ انهن کي خبر پئجي ويندي ته اليڪشن ڪنهن کي چوندا آهن. هن چيو ته پ پ قربانيون ڏنيون آهن هتي شهيدن جون ڀينرون ۽ نياڻيون آهن مون کي ياد آهي ته جڏهن بينظير ڀٽو لاهور آئي هئي ته سڄو لاهور بند ٿي ويندو هو انشاءَ الله هاڻي به لاهور بند ٿي ويندو. هن چيو ته توهان جو پراڻو نعرو آهي ته ڀٽو دي نعري وجنگي پر توهان جي ساٿ سان ڀٽو جا نعرا وڄندا. ايڪ زرداري سب پي ڀاري نه پر ايڪ زرداري سب سي ياري جو نعرو لڳايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *