حڪومت جي نااهلي سبب جمهوريت ۽ رياست ڪمزور پئي ٿئي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو)  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت کي پنهنجي ناڪامي قبول ڪندي سڌارن لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا ڇو ته حڪومتي نااهلي سبب جمهوريت ۽ رياست ڪمزور ٿي رهي آهي، پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته پهريان پيٽرول بحران سبب ملڪ کي 10 ارب روپيا هڪ ڏينهن ۾ نقصان ٿيو ۽ هاڻ بجلي جي بحران سبب معيشت تباهه ٿي رهي آهي، حالانڪه فرنس آئل جي کوٽ سبب بجلي بحران سان بروقت آگاهه ڪيو ويو هو، هن چيو ته حڪومت عوام کي وڌيڪ بيوقوف نه بڻائي ۽ پنهنجي ناڪام قبول ڪندي سڌارن لاءِ فوري قدم کڻي ڇو ته حڪومت جي نااهلي سبب جمهوريت ۽ رياست ڪمزور ٿي رهي آهي پر حڪومت پنهنجو سياسي رويو ترڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *