حڪومت جي مقبوليت گهٽ ناهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد/لالا موسيٰ (اين اين آءِ) فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ن ليگ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي تبديلي جي حوالي سان افواهه پکيڙي رهي آهي، نواز شريف علاج جو بهانو ڪري لنڊن وڃڻ چاهي ٿو، ان حوالي سان اڳ به عدالت ۾ درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن، هڪ انٽروويو ۾ هن چيو ته نواز شريف ٻاهرين ملڪ وڃڻ ۽ ڏيهه نه اچڻ جي نيت سان بيماري کي بهاني طور استعمال ڪري رهيو آهي، هن نواز شريف کي ملڪ جي ڪنهن به اسپتال ۾ بهترين علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني، هن چيو ته ن ليگ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي ته سندن قائد طبي علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ نه ويندو.

وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار بڻجڻ کانپوءِ جي ٽي روڊ ذريعي پنهنجي تڪ ۾ ويندي گجرات ضلعن جي شهرن سرائي عالمگير، خاريان، لالا موسيٰ، گجرات ۽ وزيز آباد جي مختلف هنڌن تي فردوس عاشق اعواڻ جي آجيان ڪئي وئي، وفاقي وزير اعظم سواتي، تاشفين صفدر مرالا ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته زبان ترڪڻ، گرامر جي غلطي يا نيت جي خرابي نه آهي، سياستدانن جو موڊ خراب لڳي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ناڻي وزير کي مٽائڻ ٻاهرين اشارن تي نه پر ملڪ ۾ ايترو بيروني سرمايو آهي جو ٻاهريان ادارا محفوظ ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان جنهن بحران جو شڪار آهي ان ۾ ميڊيا جي ذميواري جو مظاهرو اهم آهي، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان بي تڪيون ڳالهيون معاشي سرشتي کي خراب ڪرڻ جي برابر آهن، پاڪستان جو مفاد ان ۾ آهي ته غريب ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي، اهڙون پاليسيون جوڙيون وڃن جنهن سان ڏکيايون گهٽجن، عمران خان حفيظ شيخ کي ناڻي وزير ان لاءِ آندو ته بين الاقوامي سطح تي پاڪستان کي بهتر پاليسي ڏجي ۽ معيشت جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ڪيس بهتر نموني اڳيان رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *