حڪومت جو پي ٽي آئي جي لانگ مارچ کي روڪڻ جو فيصلو، قلم 144 لاڳو، فوج طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو، فوج بھ طلب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪيو ويندو ۽ رياست جي رِٽ تي ڪنهن به قسم جي سمجهوتو نه ڪيو ويندو جڏهن ته هر غيرقانوني ڪم جو رستو روڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوام جي حفاظت ۽ تحفظ يقيني بڻايو ويندو، امن امان ۾ رخنو وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن به قسم جي تشدد يا چڙڏيارڻ وارن قدمن تي قانون حرڪت ۾ ايندو. ااجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو تھ ڌرڻي بابت ڌرڻن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو هو جنهن کانپوءِ پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اعلان ڪيو آهي ته حڪومت لانگ مارچ جي نالي تي فتنو فساد ڦهلائڻ جي ڪنهن به صورت اجازت نه ڏيندي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو لانگ مارچ نه پر هي فتني فساد جو لانگ مارچ آهي. هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي نالي تي فتنو فساد ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ويندي، کين روڪيو ويندو، ته جيئن هي پنهنجي گمراهي ۽ قوم کي ورهائڻ واري ايجنڊا کي اڳتي نه وڌائي سهگن، انهن ماڻهن ان کان پهريان به سال 2014ع ۾ اهو سڀ ڪيو هو، هي هاڻي گارين کان گولين تي لهي آيا آهن، لاهور ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو آهي. گهرو وزير چيو ته هونئن ته هي وڏا بهادر لڳا وتندا آهن، پر هاڻي سندس سموري قيادت پشاور ۾ گڏ ٿي آهي، ڪير به پنهنجن گهرن ۾ ناهي، سموري ليڊر شپ ڪي پي ڪي جا سمورا ويسيلا ۽ صوبائي فورسز ساڻ ڪري وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن، هي اتان وڏي جٿي جي صورت ۾ سڀاڻي اچڻ چاهن ٿا، اهڙو جٿو جنهن جي ڪا به آئيني حيثيت نه هجي، جيڪو سرڪاري وسيلن کي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيو  هجي ان کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين . راڻا ثناءَ الله چيو ته عمراني فتني جي گمراهي جو شڪار ماڻهن کي خبردار ڪريان ٿو ته ان گمراهي مان ٻاهر نڪرن، هي هڪ قومي مسئلو آهي ۽ ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي، هي بدنصيت قوم کي ورهائڻ ۽ گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ۽ اظهار راءِ سڀني جو حق آهي پر هي پر امن احتجاج ڪرڻ نه پيا اچن، هي ان کان پهريان به پر امن احتجاج جي نالو وٺي آيا هئا پوءِ جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي، جيڪڏهن هي احتجاج کي خوني احتجاج جورنگ نه ڏين ها ته اسان سندن رستا روڪ نه ڪيون ها ، انڪري هن فتني کي ان ئي مرحلي تي روڪيو ويندو اها تمام وڏي خدمت هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به رياست جي گادي واري شهر جو گهراءُ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسلام آباد جي شهرين، واپارين جي جان ۽ مال جي ذميواري حڪومت تي آهي، جيڪا هر قيمت تي ادا ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *