حڪومت جو پابندي مڙھيل ٽي ايل پي سان روڊ خالي ڪرڻ تائين ڳالھيون نھ ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ/ڊيسڪ رپورٽ) ڪالعدم تنظيم کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي مظاهرين جو جي ٽي روڊ تي ڌرڻو جاري آھي، مظاهرين کي روڪڻ لاءِ چناب درياهه پُل جي ڀرسان جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويون،  اسلام آباد ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل، مظاهري سبب راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي سخت ۽ مري روڊ تي ٽرئفڪ بند بند پيل آھي، ڌرڻي سبب جي ٽي روڊ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا بند، ڪامونڪي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل بڻيل آھي، جي ٽي روڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بھ نھ کليا، ڪاموڪي ۾ انٽرنيٽ سروس بند پيل آھي، چناب درياھ پل جي ويجھو جي ٽي روڊ تي کڏون کوٽيون ويون آھن ۽ ڪنٽينرز بھ رکيا ويا آھن، وزيرآباد کان سيالڪوٽ ويندڙ رستن تي کڏون کوٽي ٻنھي شھرن جو رابطو ختم ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن سڌسماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو اهي ته جيستائين بندش پيل تنظيم روڊ خالي ۽ پوليس کي شهيد ڪندڙ ڏوهارين کي حوالي نه ڪندي تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واضح ڪري چڪا آهيون ته جيستائين بندش پيل جماعت جا ماڻهو رستا خالي نٿا ڪن ۽ پوليس کي شهيد ڪندڙ جوابدارن کي ادارن جي حوالي نٿو ڪيو وڃي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن محب وطن ماڻهو هن احتجاج کان پاڻ کي پري رکن پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن ۽ رياست جي خلاف دهشتگرد جو حصو نه بڻجن. ٻئي طرف ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ اسلام آباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون شروع ٿي ويون. ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ حڪومت وچ ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين ۾ حڪومت طرفان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن وارو وزير نور الحق قادري شريڪ آهن، جڏهن ته ڪالعدم تنظيم جو سربراهه سعد رضوي به ڳالهين ۾ موجود آهي. حڪومت ۽ ڪالعدم تنظيم ۾ 3 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ پهرين ترجيح سعد رضوي جي آزادي آهي. ذريعن موجب ايجنڊا ۾ ڪالعدم تنظيم جي ڪارڪنن تي داخل ڪيسن جي واپسي ۽ پارليامينٽ ۾ فرانس خلاف ٺهراءَ جو پيش ٿيڻ به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان فرانس خلاف ٺهراءَ تي معذرت ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت ڳالهيون سعد رضوي جي آزادي سان مشروط ڪرڻ تي شروع ڪيون آهن.ذريعن موجب حڪومتي شرطن ۾ چيو ويو آهي ته جن ڪارڪنن تي دهشتگردي ڪيس آهن، انهن بابت فيصلو عدالتون ڪنديون ۽ سعد رضوي جي آزادي کان اڳ ڪارڪنن کي جي ٽي روڊ سميت مک شاهراهن تان هٽڻو پوندو.  بندش پيل تنظيم جي اسلام آباد طرف مارچ کي روڪڻ لاءِ رڪاوٽن سبب شهري رلي ويا، راولپندي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ مک رستا سيل ڪيا ويا جنهن کان پوءِ متبادل رستن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي رنڊڪن سبب شهري سخت تڪليف کي منهن ڏيندا رهيا، راولپنڊي ۾ صدر کان فيض آباد تائين ميٽرو سروس بند رهي جنهن سبب راولپنڊي اسلام آباد شهرن ۾ نوڪري ڪندڙ ۽ مزدور پريشاني جو شڪار ٿي ويا، رستا بند هجڻ جي ڪري مسافر پند سفر ڪرڻ تي مجبور ٿيا مريضن جو اسپتال وڃڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ميٽرو بس انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ آئي جي پي روڊ کان سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس هلندي جڏهن ته ميٽرو سروس پنڊي ۾ ايندڙ حڪم تائين بند رهندي ٻئي پاسي گجرانوالا ۾ جي پي روڊ تي ستين ڏينهن به اچ وڃ بند هجڻ سان شهري سخت تڪليفن ۾ اچي ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *