حڪومت جو هڙتال ختم ٿيڻ تائين پي آءِ اي ملازمن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت قومي اداري پي آئي اي جي بحالي لاءِ اپاءَ جاري رکندي، اسان ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه اينداسين، رستن تي ايندڙ پهرين به ناڪام ٿيا ۽ هاڻ به ناڪامي سندن مقدر آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ پي آئي اي جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز رشِيد، چوڌري نثار علي خان، اسحاق ڊار،ڪي پي ڪي جو گورنر سردار مهتاب عباسي، سينيٽر مشاهدالله خان ۽ شجاعت عظيم سوڌو ايوي ايشن جو سيڪريٽري شامل ٿيا، اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي پي آئي جي موجوده صورتحال، ملازمن جي هڙتال ۽ آپريشن جزوي طور بحال ٿيڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پي آئي اي جي چيئرمين عرفان الاهي اجلاس کي ٻڌايو ته آفيسن جي تالابندي ختم ٿي چڪي آهي ۽ ملازمن جي آفيسن ۾ واپسي به جاري آهي، هن ٻڌايو ته لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ذميواريون نه نڀائيندڙ هڙتالي ملازمن کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پي آئي اي آپريشن جي بحالي واريون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته پي آئي اي جي معاملي تي ڪجهه سياسي پارٽيون پنهنجي سياست چمڪائي رهيون آهن، جيڪي ناڪام وينديون، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ماضي جي حڪومتن پي آئي اي ۽ ٻين قومي ادارن کي تباهه ڪناري پهچايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *